عبدالله بن عمر هباري

عبدالله بن عمر هباري (270هه/ 883ع- 300هه/ 912ع): 84-883ع ۾ عمر بن عبدالعزيز منصوره ۾ وفات ڪئي. ساڳئي سال سندس پٽ عبدالله بن عمر هباريءَ سنڌ جي آزاد حاڪم طور گادي سنڀالي. هي هباري خاندان جو ٻيو نمبر آزاد حڪمران هو. سندس دور جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ امام عبدالله مهدي هڪ اسماعيلي داعي هاشم کي پنهنجي عقيدي جي پرچار لاءِ سنڌ موڪليو. بن شهريار'>بزرگ بن شهريار نالي مشهور سياح عبدالله کي حڪومت ڪندي ڏٺو (ايم. ايڇ. پنهور).
ڪتاب ‘عجائب الهند’ موجب ڏکڻ ڪشمير جي هڪ راجا مهروڪ عبدالله بن عمر کي نياپو موڪليو ته اهڙو ڪو عالم ڏانهس موڪليو وڃي، جيڪو قرآن پاڪ جو تفسير ٻڌائي. عمر هباري 270هه/ 883ع ۾ هڪ ڏاهو اوڏانهن موڪليو ويو، جنهن راجا کي ڪلام پاڪ جو ترجمو ڪري ٻڌايو. عمر هباري جي دور جا ٽي سڪا هٿ آيا آهن، جن ۾ هڪ چانديءَ جو ۽ ٻه ٽامي جا آهن. اهي سڪا 1882ع ڌاري دلور جي ڀر وارن دڙن مان لڌا ويا آهن. جيڪي شهدادپور جي ڀرسان آهن. جن جي ضرب مان معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ جا هباري، عباسي خليفن جا زيردست ڪونه هئا ۽ اها به حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته هبارين کي منصوره ۾ پنهنجو ضرب خانو هو. جڏهن ته ايم. ايڇ. پنهور موجب اهو سال عمر بن عبدالعزيز جي وفات ۽ عبدالله بن عبدالعزيز جي تخت نشين ٿيڻ جو سال آهي. عبدالله بن عمر ٽيهه سال حڪومت ڪئي، جيئن شروع ۾ ڏنل سالن ذريعي ظاهر ٿئي ٿو. پير حسام الدين راشديءَ جي به ساڳي تحقيق آهي. (تحفة الڪرام، فارسي، ص 624)
تاريخي روايتن موجب صمه بن ابو صمه جيڪو بنو ڪنده عرب قبيلي جو آزاد ڪيل غلام هو، تنهن ڪجهه عرصي لاءِ منصوره تي زبردستي قبضو ڪيو هو. ساڳئي سال کيس شڪست ڏني وئي ۽ هبارين جي حڪومت کي ٻيهر بحال ڪيو ويو. ‘تاريخ سنڌ’ عرب دور جي لکڻ موجب، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، عبدالله بن عمر انهيءَ انقلاب ۾ منصوره ۾ 300هه/ 13-912ع ۾ مارجي ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ عمر بن عبدالله سنڌ جو نئون راڄ ڌڻي بنيو. 303هه/ 16-915ع ۾ مسعودي عمر بن عبدالله کي منصوره ۽ الور کان سمنڊ تائين سموري سنڌ تي راڄ ڪندي ڏٺو. ان وقت سنڌ جي آمدني 10 لک درهم هئي.


لفظ عبدالله بن عمر هباريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو